سرمائي شام

سرمائي شام

سرمائي شام

سرمائي شام (ڪتاب): هي ڪوڏو مل واڌواڻي ’جانب‘ جي غزلن جو ڪتاب آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڀڳوان نردوش لکيو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ڪوڏو مل ’جانب‘ شعر جي مختلف صنفن تي قلم آرائي ڪئي آهي، پر سندس پيارو گهاڙيٽو غزل رهيو آهي. ڪوڏو مل ’جانب‘ درازن ۾ ڄائو هو ۽ ورهاڱي کانپوءِ ڀارت ۾ وڃي آباد ٿيو. هن جي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب:
(1) ڇو دل ٿي دل کان ڌار ڦرين،
(2) رڪجي ويندي رات، ۽ (3) روشني- ڇپيل آهن، جن تي گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ کيس انعام ڏئي چڪي آهي. ڪوڏو مل جانب جا غزل، فن ۽ فڪر جي حوالي سان ڀرپور آهن. هن غزلن ۾ وقت جي عڪاسي ڪئي آهي، هن ڪجهه مزاقيه غزل به چيا آهن. سندس هي غزلن جو مجموعو نواڻ ۽ روايت جو سنگم آهي. ڪتاب جي مٿان جيتوڻيڪ غزلن جو مجموعو لکيل آهي، پر ان ۾ سندس ڪجهه قطعا، هڪ گيت ۽ هائيڪو به شامل آهي. ڊيمي سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مهالڪشمي پرنٽرس، احمد آباد مان پبلشر ائنجلس، ڊسمبر 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 110 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو